عبدالله جي ميمڻ

عبدالله جي ميمڻ

عبدالله جي ميمڻ

عبدالله جي ميمڻ: عبدالله جي ميمڻ ڳوٺ پاٽ شريف، ضلعي دادوءَ ۾ ڄائو. هن جي والد جو ڪراچي شهر ۾ فرنيچر جو دڪان هوندو هو. هن ابتدائي تعليم انومل ٽيڪمداس اسڪول مان حاصل ڪئي. 1949ع ۾ سيڪنڊري تعليم لاءِ هن سنڌ مدرسي ۾ داخلا ورتي. 1956ع ۾ پڙهائيءَ سان گڏوگڏ هن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مترجم طور ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. ايل.ايل.بي ۽ ايم.اي ڪرڻ کانپوءِ هن سول سروس جو امتحان پاس ڪيو. 1964ع جي سول سروس پروبيشنر بيچ سان واسطو رکندڙ عبدالله جي. ميمڻ، اڪيڊميءَ جي تربيت کانپوءِ حيدرآباد ۾ مقرر ٿيو. جتان ڪجهه عرصي بعد ڊيري اسماعيل خان بدلي ڪيو ويو. بعد ۾ کيس اوڀر پاڪستان جي ميمن سنگهه ضلعي جي ٽيگالي سب ڊويزن ۾ ايس. ڊي. او مقرر ڪيو ويو. 1969ع ۾ هن جي شادي سنڌ جي مشهور عيساڻي خاندان مان ٿي. بنگلاديش ٺهڻ کانپوءِ هي ڪراچيءَ هليو آيو. جنهن بعد هي تڏهوڪي سنڌ جي گورنر مير رسول بخش ٽالپر جو سيڪريٽري مقرر ٿيو. 1976ع ۾ کيس واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ خوراڪ ۽ زراعت جو ڪائونسلر مقرر ڪيو ويو. 1979ع ۾ حيدرآباد جو ڪمشنر ۽ 1987ع ۾ سنڌ جي گهرو کاتي جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. ان کانپوءِ صدر فاروق لغاري (97-1996ع) جي نگران حڪومت ۾ کيس پاڻي ۽ بجليءَ جي وفاقي وزير طور فائز ڪيو ويو.
عبدالله جي ميمڻ اخبارن ۽ رسالن لاءِ ڪالم به لکندو هو، جيڪي سياسي ۽ سماجي مسئلن تي هوندا هئا. هن 65 سالن جي عمر ۾ 2003ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ عبدالله جي ميمڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو